سنڌ

نواب ولي محمد ۾ 6 ڳوٺاڻن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا،ريليون

نواب ولي محمد ڀرسان پوليس جي موجودگي ايس ايڇ او سميت 6 ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ کهڙا ۾ جسقم ۽ سول سوسائٽي جي عدنان سومرو، مانجهند، سن، خاڻوٺ، منظور آباد، لڪي شاهه صدر، وڏا ڇڇر ۾ محمد عمر ابڙو، شوال ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ڳيريلو ۾ ايس يو پي جي خالد محمود جتوئي، علي رضا جتوئي، لياقت علي ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي جي دلمراد ڏاھاڻي، ظريت بجاراڻي، شاھنواز مرھيٽو، الطاف حسين بنگوار، فضل سبزوئي ۽ ٻين گھنٽا گهر چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. خيرپور ناٿن شاهه ۾ به ايس يو پي جي غلام محمد گاڏھي، نظير احمد ٻٻر، شوڪت چانڊيو، جميل چانڊيو ۽ ٻين سٽي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. جوهي ۾ ايس يو پي جي ڪامريڊ غلام قادر لغاري، ايوب لغاري، عبدالله کوسو، رمضان ٿهيم ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. پير جو ڳوٺ ۾ سيد ابوبڪر شاهه، ايڊووڪيٽ سراج عالم مڱڻيجو، پرويز ميمڻ، فقير محمد اعظم مڱڻيجو، بشير احمد ڀنڊ، حاڪم آريجو، فهد مڱريو، عابد ڀنڊ، نويد جاگيراڻي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button