سنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ نواب ولي محمد واقعي خلاف اپوزيشن جو احتجاج

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر تي 2 ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، گوڙ سبب ايوان جي ڪارروائي ايجنڊا پورو ٿيڻ بنا ئي اڱاري جي صبح تائين ملتوي ڪئي وئي، صحافين خانگي ٽي وي چينل بند ٿيڻ جي خلاف پريس گئلري ۾ احتجاج ڪيو، پوءِ اپوزيشن نوابشاهه واقعي تي ايوان ۾ سراپا احتجاج بڻجي وئي، خيبرپختونخوا جو اسپيڪر مشتاق غني سنڌ اسيمبلي ڪارروائي ڏسڻ آيو هو پر ايوان ۾ بدنظمي ڏسي اهو به جهٽ مهمانن جي گئلري ۾ ويٺو ۽ اتان روانو ٿي ويو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته شايد کيس توهان ماڻهن جو هي طور طريقو پسند ناهي آيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر تي 2 ڪلاڪ 20 منٽ دير سان آغا سراج دراني جي صدارت ۾ شروع ٿيو، ڪارروائي جي شروعات ۾ نصرت سحر عباسي چيو ته نوابشاهه ۾ ظلم ڪيو ويو، وارث لاش رستي تي رکي احتجاج ڪري رهيا آهن. هن بددعا ڏني ته جيڪي ماڻهو به هن جرم ۾ ملوث آهن، الله تعاليٰ کين پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي، نصرت سحر عباسي ان واقعي تي تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر چيو ته هو پهريان به ڪيترائي ڀيرا اهو چئي چڪو آهي ته ايوان ۾ دعا جي موقعي تي رڳو دعا ڪرائي وڃي، سياسي تقريرون نه ڪيون وڃن پر توهان ڪائي ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار نه آيو، ان موقعي تي اسپيڪر نصرت سحر عباسي جي مائڪ بند ڪرائي ڇڏي ۽ کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، سنڌ اسيمبلي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين ڪارروائي جي شروعات ۾ ئي خانگي ٽي وي چينل نيوز ون بند ٿيڻ جي خلاف پريس گئلري ۾ زبردست احتجاج ڪيو، صحافين پيمرا جي فيصلي جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي کين پنهنجي هٿن ۾ مختلف پلي ڪارڊ به هئا، جن تي نيوز ون کي آف ايئر ڪرڻ جي فيصلي جي مذمت ڪندي ان کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. صحافين جي احتجاج تي ايوان ۾ ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ اظهار جي آزادي کي ختم ڪرڻ گهري ٿي، نيوز ون تي پابندي به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙصحافين سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪري ٿي. ان معاملي تي اسان ايوان ۾ هڪ ٺهراءُ به آڻينداسين، ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڪنور نويد جميل جي ڊي اي جو سنڌ اسيمبلي ميمبر نندڪمار گوڪلاڻي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ميمبر مفتي قاسم فخري به خانگي ٽي وي چينل بند ڪرڻ کي وفاقي حڪومت جو ظالماڻو فيصلو ڪوٺيو ۽ چيو ته اسان پنهنجي صحافي برادري سان گڏ آهيون. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته اسان ڪنهن به ميڊيا هائوس جي صحافي کي بيروزگار نٿا ڏسڻ چاهيون، نيوز ون جي حوالي سان ڄاڻ ورتي ويندي ته ان کي بند ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي. ان موقعي تي پريس گئلري ۾ موجود صحافين ۽ ايوان ۾ ويٺل پيپلزپارٽي جي ميمبرن پاران نعريبازي ڪئي وئي، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، انهيءَ شور ۽ گوڙ ۾ پي ٽي آئي ميمبرن به ايوان ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، انهن پلي ڪارڊز تي نوازشاهه جي تازي واقعي جي خلاف نعرا لکيل هئا، احتجاج دوران پي ٽي آئي جا ميمبر حليم عادل شيخ جي قيادت ۾ اسپيڪر جي ڊائس آڏو وڃي گڏ ٿي ويا ۽ زبردست احتجاج ڪيو، ان احتجاج ۾ ايم ڪيو ايم به انهن جو ساٿ ڏنو، ان گوڙ دوران پيپلزپارٽِ ۽ پي ٽي آئي جا ميمبر هڪ ٻئي جي خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا ته عصر جي اذان شروع ٿي وئي، جنهن تي ايوان جي ڪارروائي نماز لاءِ موخر ڪئي وئي. عصر نماز جي وقفي کان پوءِ جڏهن صحت کاتي بابت سوالن جو وقفو شروع ٿيو ته ميمبرن جي مختلف لکت ۽ ضمني سوالن جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٻڌايو ته حڪومت سنڌ صوبي جي اسپتالن لاءِ ايمبولنس خريد ڪري رهي آهي، جنهن تي حليم عادل شيخ چيو ته جيڪڏهن نوابشاهه ۾ ايمبولنس هئي ته لاش اسپتال ۾ ٿڏي تي ڇو نه پهچايا ويا. هن چيو ته نوابشاهه ۾ ماڻهو ڦٿڪندا رهيا، نوابشاهه واقعي بابت سوال تي اسپيڪر حليم عادل شيخ جي مائڪ بند ڪرائي، ڇڏي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هي غير ضروري سوال ڪري ايوان جو وقت وڃائڻ چاهين ٿام اپوزيشن حليم عادل شيخ جي مائڪ بند ڪرڻ جي خلاف ايوان ۾ هڪ دفعو ٻيهر احتجاج ۽ نعرا هڻڻ شروع ڪيا، جنهن سبب ايوان مڇي بازار جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ان دوران اجلاس جو رهيل ايجنڊا مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ اسپيڪر اجلاس اڱاري جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button