سنڌ

اڏيرولال اسٽيشن لڳ اسڪول جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

اڏيرولال: اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ ميانداد ساهووال جو پرائمري اسڪول ڏيڍ سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو، اسڪول ۾ چارديواري سميت سمورين بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، جڏهن ته اسڪول تعمير ڪندڙ ٺيڪيدار ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻن ۽ شاگردن حاجي سڌير ساهووال، عابد ساهووال، سليم ساهووال ۽ صدام حسين ساهووال جي اڳواڻي ۾ اسڪول آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسڪول جو ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شاگرد سخت تڪليفن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، هنن چيو ته اهڙيون شڪايتون اسان ڪيون آهن پر اسان جي ڪير به دادرسي نٿو ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور اسڪول جو رڪيل ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button