سنڌ

ڪراچي ۾ گهر مان ڦرلٽ دوران ڇوڪري سان اجتماعي زيادتي

ڪراچي جي علائقي سرجاني ۾ ڦر دوران هٿياربندن ڇوڪري سان اجتماعي جنسي ڏاڍائي ڪئي ۽ گهر مان سامان لٽي فرار ٿي ويا. تفصيل موجب ڪراچي ۾ ڦر دوران اجتمائي زيادتي جو هڪ ٻيو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو، سرجاني ٽائون ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي قيمتي سامان لٽيو ۽ ڇوڪري سان زبردستي اجتماعي ڏاڍائي ڪري فرار ٿي ويا، پوليس عملدارن مطابق سرجاني سيڪٽر 7 اي ۾ رات دير سان 3 ڏوهاري گهر ۾ داخل ٿيا، ڏوهارين هٿيارن جي زور تي گهر جي ماڻهن کي يرغمال بڻايو لٽ مار ڪئي ۽ 17 ورهين جي ڇوڪري سان اجتماعي جنسي ڏاڍائي ڪئي، اطلاع ملڻ تي پوليس ٿڏي تي پهتي ۽ ڇوڪري کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال پهچايو، جڏهن ته عباسي شهيد اسپتال ۾ ليڊي ايم ايل او نه هجڻ سبب ميڊيڪل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button