سنڌ

خيرپور ۾ مهراڻ يونيورسٽي شاگردن جو فيسن ۾ واڌ خلاف ڌرڻو

خيرپور ۾ مهراڻ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي شاگردن فيسن ۾ اضافي ۽ پوائنٽ بسن جي کوٽ خلاف يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا يونيورسٽي جون پوائنٽ بسون روڊ تي بيھاري روڊ بلاڪ ڪرائي ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي. شاگردن جي اڳواڻي عبدالقادر گبول، آصف علي جعفري، عمران سميجو، ارسلان شيخ ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ٻڌايو ته يونيورسٽي انتظاميه طرفان فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهنڪري تعليم جاري رکڻ مسئلو بڻجي ويو آهي. مهراڻ يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهندڙ شاگردن ۾ اڪثريت غريبن جا ٻار آهن، تنهنڪري فيسن ۾ اضافي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، جڏهن ته 5 ڪلاڪ ڌرڻو لڳل رھيو پر يونيورسٽي انتظاميا مان ڪو به عملدار شاگردن سان ڳالھيون ڪرڻ نه آيو، اڪثر آفيسر ڌرڻو ڏسي واپس پنهنجي گھرن ڏانهن ھليا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button