پاڪستانسنڌ

ڀارت ۾ مسلمان ڇوڪري کي حراسان ڪرڻ خلاف بدين ۾ عورتن جو مظاهرو

بدين: ڀارتي صوبي ڪرناٽڪ جي ڪاليج ۾ حجاب پھري اچڻ تي هندو انتهاپسندن هٿان مسلمان ڇوڪري مسڪان کي حيسائڻ خلاف بدين ۾ عورتن جي تنظيم ڊاٽر آف اسلام طرفان فاطمه الزهرا چوڪ کان نغمه نظاماڻي، امه حمزہ عثماني، انيسه محمود ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسلام ۾ عورت جي پردي کي خاص اهميت حاصل آهي پر دنيا ۾ پاڻ کي سيڪيولر ملڪ سڏائيندڙ ڀارت ۾ حجاب تان شاگردياڻي مسڪان کي هندوانتها پسندن طرفان هيسائڻ ڀارت جي انتهاپسند هندو مودي جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀارت ۾ هندو انتهاپسند حڪومت طرفان مسلم عورتن جي حجاب تي پابندي وارو ڪارو قانون ختم ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button