سنڌ

ميرپوربٺورو ۾ گهرواري کي وظيفو ۽ ٻارڙن کي اسڪالرشپ نه ملڻ خلاف پيرسن جو احتجاج

ميرپوربٺورو: ميرپوربٺورو ۾ گهرواري کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو ۽ ٻارڙن کي اسڪالرشپ نه ملڻ خلاف ٻنون واسي پيرسن الهڏنو عباسي صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو آهي ته سندس گهرواري زاهده کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفي جا پئسا ملندا هئا، جيڪي ٽن سالن کان بند ٿي ويا آهن.

هن چيو ته آئون غريب پيرسن ماڻهو آهيان مون ۾ ڪم جي سگهه ناهي، زال کي وظيفي جا پيئسا ملندا هئا، جن مان گذرسفر ڪندا هئاسين اهي به هاڻي ڪونه ٿا ملن ۽ ٻارڙن کي اسڪالرشپ به نٿي ڏني وڃي، جنهن ڪري سخت پريشان آهيان، هن مطالبو ڪيو ته وظيفي جي رقم ڏياري ٻارڙن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button