سنڌ

بلدياتي قانون:حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڪميٽين تي اتفاق

سنڌ ۾مڪاني قانون ۾ ترميم جي معاملي جو جائزووٺڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ اپوزيشن پارٽين وچ ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو سليڪٽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن جون سفارشون تيار ڪندي ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ مڪاني قانون جو مسودو تيار ڪندي، اپوزيشن پاران سليڪٽ ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آ ۽ جي ڊي اي جا ميمبر شامل آهن، ڪميٽي ۾ اپوزيشن جي نمائندگي حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، ارسلان تاج، فردوس شميم نقوي، ڪنور نويد جميل، جاويد حنيف، محمد حسين، حسنين مرزا ۽ نندڪمار ڪندا، جڏهن ته پ پ پاران بلدياتي قانون سليڪٽ ڪميٽي ۾ ناصر شاهه، سعيد غني ۽ ٻيا شامل هوندا، ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري تي 40 منٽ دير سان اسپيڪر سراج دراني جي صدارت ۾ شروع ٿيو، دعا جي وقفي ۾ شميم ممتاز دعا ڪرائي ته الله تعاليٰ بلاول ڀٽو کي بدنظر کان محفوط رکي، محمد حسين مڪاني قانون جي خلاف احتجاج دوران فوتي محمد اسلم لاءِ مغفرت جي دعا ڪرائي، حليم عادل شيخ چيو ته ڀنڊ برادري جي 5 ماڻهن ۽ پوليس سب انسپيڪٽر کي نوابشاهه ۾ قتل ڪيو ويو آهي، دعا ڪريون ته الله قاتلن کي نيست نابود ڪري ڇڏي. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي نياڻي پروين رند پيرين اگهاڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتي آهي، اسپيڪر چيو ته اهڙي قسم جي دعا جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اسپيڪر اپوزيشن ليڊر جي مائڪ بند ڪرائي ڇڏي، ايوان جي ڪارروائي دوران اسپيڪر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ مڪاني قانون تي اسيمبلي کي جيڪا سليڪٽ ڪميٽي قائم ڪرڻي آهي، ان لاءِ اپوزيشن پاران نالا نه ڏنا ويا آهن. ڪميٽي بلدياتي قانون جو جائزو وٺي سفارشون تيار ڪندي. مڪيش ڪمار چاولا ٻڌايو ته حليم عادل شيخ ڪميٽي لاءِ نالا ناهن ڏنا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڪنهن سان ڳالهه نه ڪريو، جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته مان ڪنهن جي ڊڪٽيشن نه وٺندس، حليم عادل شيخ چيو ته اسپيڪر کي ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ڏک ٿئي ٿو جو پارليماني معاملن وارو وزير ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، جنهن تي پارلياماني معاملن واري وزير چيو ته قسم سان چوان ٿو ته حليم عادل چيو هو ته ڪنهن ميمبر سان ڳالهه نه ڪريو، آغا سراج ايوان ۾ ميمبرن جي تازي رويي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ هن ايوان جو جيترو وقار وڃايو ويو آهي، هن کان اڳ ان جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته دعا جي موقعي تي به سياست ڪئي وڃي ٿي. حليم عادل شيخ ايوان کي ٻڌايو ته اپوزيشن مڪاني قانون تي غور بابت ڪميٽي لاءِ پنهنجو نالو ڏئي رهي آهي، اسپيڪر چيو ته جيڪڏهن سمورا ميمبر تعاون نه ڪندا ته هي ايوان ڪيئن هلندو. هن چيو ته مان توهان ماڻهن جو دشمن نه آهيان. هن محمد حسين کي چيو ته پنهنجي مٿي مان پراڻي فلمون ڪڍي اپوزيشن جي پنهنجي ساٿين کي ٻڌايو ته هتي ڇا ٿيندو رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button