سنڌ

حڪومت جي تبديلي جمهوري طريقي سان چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان بي اعتمادي رٿ جي جمهوري، آئيني ۽ پرامن طريقي سان حڪومت جي تبديلي تي يقين رکون ٿا، خوشي آهي جو اپوزيشن جون ٻيون پارٽيون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اسان جي موقف جي حمايت ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي بلاول هائوس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي عورتن واري شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، آفتاب شعبان ميراڻي، نواب يوسف ٽالپر، منظور وساڻ، نويد قمر، شازيه مري سميت سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ جا سمورا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر وزير ۽ صلاحڪار شريڪ ٿيا. قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي لانگ مارچ جي تيارين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ڌار ڌار اهم ٽاڪس ڏنا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ جمهوري اصولن کي مٿي رکندي لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پهرئين ڏينهن کان اڄ تائين موثر ترين اپوزيشن ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button