سنڌ

وفاقي زرعي پاليسيون هاري دشمن،رد ڪريون ٿا:سنڌ حڪومت

سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار جي نئين زرعي پاليسين کي هاري دشمن قرار ڏئي ڪري رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ چيو آهي ته وفاقي سرڪار جون نيون زرعي پاليسيون هارين جون دشمن آهن، زرعي شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ سان ملڪ جو زرعي شعبو متاثر ٿيندو، وفاقي تجويز کي رد ڪريون ٿا. منظور حسين وساڻ جو وڌيڪ ردعمل ۾ چوڻ هو ته يوريا ڀاڻ تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس عائد ڪرڻ جي وفاقي فيصلي کي قبول نه ڪنداسين، زرعي شين ۽ ٽريڪٽر خريداري تي 17 سيڪڙو ٽيڪس عائد ٿيڻ سان ملڪ جي هارين جي کيسن تي 104 ارب بار پوندو، زراعت جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته زرعي شين تي ٽيڪسز لڳڻ سان يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي، هاري تباهه ٿي ويندا، عمران حڪومت ملڪ جي هارين کي رليف ڏيڻ جي بجاءِ ٽيڪسز جو بار وجهي ڪري ملڪ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، اڳ ۾ ئي ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جو خطرو آهي، عمران حڪومت ۾ زراعت تباهه ٿي چڪي آهي. منظور حسين وساڻ جو چوڻ هو ته زرعي شين تي ٽيڪسز لڳائڻ سان يوريا ڀاڻ وڌيڪ مهانگو ٿي ويندو، زراعت واحد شعبو آهي جنهن کي ترقي ڏئي ملڪ ۾ مهانگائي ۽ غربت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو پر عمران حڪومت زراعت تي توجهه نه ڏئي رهي آهي، خان صاحب هارين تي رحم ڪري. منظور حسين وساڻ وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران حڪومت آئي ايم ايف کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ ملڪ جي هارين جو معاشي قتل ڪري رهي آهي، عمران حڪومت هارين جي طبقي جي مالي لچڪ ۽ فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هن جو چوڻ هو ته هڪ طرف عمران حڪومت چوندي آهي ته زراعت ترجيحات ۾ شامل آهي، ٻئي طرف ٽيڪسز جي ڀرمار آهي، يوريا ڀاڻ جي قلت پيدا ڪري مافياز هارين کان اربين روپيا لٽيا، هاڻي ٻيهر ٽيڪسز لڳائي ڪري اربين رپيا وصول ڪيا ويندا، عمران حڪومت ۾ هارين کي ڪڻڪ جي قيمت گهٽ ملي رهي آهي سڀ کان وڌيڪ في مڻ امدادي قيمت سنڌ ڏئي رهي آهي. منظور حسين وساڻ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عمران حڪومت زراعت لاءِ ڪا پاليسي نه ٺاهي ته خطرو وڌي ويندو، حڪومت جي غلط قدمن سان ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻيون زرعي شيون ٻاهران کان گهرائڻ تي مجبور ٿي وينداسين، حڪومت جلد کان جلد قدم کڻي، زراعت کي ترقي ڏيڻ کانسواءِ ملڪ جي معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button