سنڌ

پروين رند انصاف لاءِ پيرين اگهاڙي عدالت پهچي وئي

پيپلز يونيورسٽي شهيد بينظير آباد ۾ مبينا طور هراساني ۽ تشدد جو شڪار نرسنگ هائوس آفيسر پروين رند پيرين اگهاڙي عدالت پهچي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي جي سلسلي ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي شاگردياڻي پروين رند عدالت پهتي، جتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت اڃا تائين گرفتار ناهي ٿيو، ان کي سپورٽ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي نياڻين کي ماري آپگهات جو رنگ ڏنو ويندو آهي، هاسٽل ۾ ٻارڙيون آپگهات ناهن ڪنديون، کين ٽنگيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي ڪمري ۾ 3 عورتون داخل ٿيون، تشدد ڪيو، گِهليو، سڄي يونيورسٽي جي سامهون ماريو ويو، دانهڻ باوجود انتظاميا ايڪشن نه ورتو. متاثر شاگردياڻي چيو ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي ۽ ڌمڪيون ملي رهيون آهن، منهنجي هائوس جاب ڪنهن ٻئي شهر منتقل ڪئي وڃي، هائوس جاب کي هڪ مهينو ٿيو آهي، تعليم جاري رکڻ چاهيان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button