سنڌ

وڪيل جي گهر تي چڙهائي خلاف عدالتي بائيڪاٽ،مظاهرا

ها ڪورٽ جي وڪيل ذوالفقار جلباڻي جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري سندس ٻن ڀائرن ۽ مائٽن کي گرفتار ڪرڻ خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. بائيڪاٽ سبب هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ سول ڪورٽن سميت ماتحت عدالتن ۾ وڪيل ڪيسن جي پيروي لاءِ پيش نه ٿيا، جنهن ڪري عدالتن پاران سائلين کي ڪيسن جون نيون تاريخون ڏئي روانو ڪيو ويو. ميھڙ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري بار جي صدر وڪيل عبدالحليم ٻگهيو، وڪيل سعيد احمد پنهور، وڪيل رضوان حيدر تنيو، وڪيل رياض ڏيرو، وڪيل قربان آڳرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪورٽ جي مک گيٽ وٽ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ڏهرڪي ۾ وڪيلن عدالتي ڪارواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي احتجاج ڪيو. بار جي صدر وڪيل ڄام عبدالفتاح سميجو، عبدالستار ڀٽو، جاويد آرائين، سليم اختر ملڪ، غلام رسول مھر، نظير پنھور ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. ريتي ۾ وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button