سنڌ

نواب ولي محمد واقعي جا 3 ڌار ڌار ڪيس داخل،جنازا کڄڻ تي قيامت صغرا

نواب ولي محمد ڀرسان ڪچي جي ديھه ٻنڀائي ۾ زمين تي قبضي بعد پوليس جي موجودگي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل پنج ڳوٺاڻن اياز ڀنڊ، معشوق ڀنڊ، صابن ڀنڊ، اڪمل ڀنڊ، شير محمد عرف ٽوهه فقير ڀنڊ جي جنازي نماز ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ ادا ڪئي وئي، لڙڪن ۽ سڏڪن سان شهيدن کي اباڻي قبرستان امير شاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي سانحي جا 3 مختلف ڪيس مرزا پور ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آهن. اڪمل ڀنڊ، معشوق ڀنڊ، صابن ڀنڊ، شير محمد ڀنڊ ۽ صوبيدار عبدالحميد کوسي جو قتل ڪيس ابن ڀنڊ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 13 جوابدار محسن زرداري، عابد زرداري، شهزادو زرداري، علي محمد زرداري، قيوم زرداري، مقيم خاصخيلي، حق نواز زرداري، غلام شبير زرداري، مشتاق ماڃوٺو، غلام مصطفيٰ مري، عمران رند، لطف مري ۽ الهورايو زرداري کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. ٻيو ڪيس فريادي رضا محمد ڀنڊ داخل ڪرايو آهي، ٽيون ڪيس سرڪار پاران ايس آ پي جاويد اقبال راجپوت داخل ڪرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button