سنڌ

ڪڪڙ ۾ عورت جو موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج

ڪڪڙ: ڪڪڙ جي ڳوٺ ٿرڙي جادو شھيد واسڻ طلاقيل عورت ثمينه مڱڻهار پريس ڪلب پهچي اڳوڻي مڙس پرويز ڀيو خلاف احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 15 سال اڳ پرويز ڀيو سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان مون کي ٽي ٻار به آھي، اسان لڏي ڪراچي وڃي ويٺاسين، منهنجو مڙس موالي هو، مڙس جي راضپي سان مون نجي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري گهر جو گاڏو هلايو، ڇهاه مهينا اڳ معمولي ڳالهه تان هن مون کي اک ڀرسان ڇري هڻي زخمي ڪيو ۽ فرار ٿي ويو، جڏهن ته هاڻي طلاق ڏيڻ بعد موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وسوارن تحفظ جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button