سنڌ

ڪالاباغ ڊيم تي به وفاق سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين:سنڌحڪومت

سنڌ حڪومت پنجاب جي گريٽر ٿل ڪينال فيز 2 منصوبي کي 1991ع پاڻي معاهدي جي خلاف ورزي ۽ زراعت دشمن قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راھو جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي به وفاق سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين، عمران خان يا ته پاڪستان جي سياسي تاريخ کان ناواقف آهي يا وري ڄاڻي واڻي ننڍن صوبن جي زخمن تي لُوڻُ ٻُرڪي رهيو آهي، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جو عوام ۽ صوبائي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن. صوبائي وزير چيو ته ڇا سليڪٽڊ نٿو ڄاڻي ته سنڌ اسمبلي هن زراعت دشمن منصوبي کي هڪ نه پر 3 ڀيرا اتفاق راءِ سان رد ڪري چڪي آهي، پوءِ هن وقت عقل جي بيربل جي بنا وقت جي راڳڻي جو ڇا مطلب آهي؟، ڪالاباغ ڊيم منصوبو هن وقت هڪ مريل گھوڙو آهي، هن کي زنده ڪرڻ وارا پاڻ هن ۾ دفن ٿي ويندا. اسماعيل راهو چيو ته پهريان ئي نيازي حڪومت سنڌ جي پاڻي تي ڪيترائي ڌاڙا هڻي رهي آهي، پنجاب حڪومت گريٽر ٿل ڪينال فيز 2 منصوبو تعمير ڪري رهي آهي، جيڪو پاڻي معاهدي جي خلاف ورزي آهي، نوان منصوبا سنڌ جي تباهي جو سبب بڻجندا، پنجاب ۽ وفاقي سرڪار پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button