سنڌ

لانگ مارچ پرامن هوندو،تحريڪ انصاف وانگر حملو نه ڪنداسين:پ پ

پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامنيٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيا عطا مري ڪلفٽن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڄ ٻيھر ملڪ ۾ عوام جي لا خراب خبر آئي آهي ته سليڪٽڊ حڪومت پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 12 روپيا ٽي پيسا واڌ ڪري ڇڏي آهي، اسان حڪومت جي عوام دشمن فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھن چيو ته نااهل حڪومت روزانو غريب عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي ۽ ملڪ ڪنهن به طرح سستو ملڪ ناھي پردنيا ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي مهانگو ترين ملڪ آهي، حڪومت کي ڊالر جي حساب سان نه پر هتي ماڻهو جيترو ڪمائين ٿا، ان جي حساب سان مهانگائي جو ڪاٿو لڳائڻ گهرجي، جڏهن ته پيٽرول جي اگهه وڌڻ جو سڌو اثر روزمرهه جي شين جي قيمتن تي پوي ٿو. ھن چيو ته وفاقي سرڪار کان مطالبو آهي ته تيل جا وڌايل اگهه فوري طور تي واپس ورتا وڃن. ھن چيو ته اسلام آباد ۾ صحافي محسن بيگ جي ايف آئي اي ھٿان گرفتاري جي به سخت مذمت ڪجي ٿي، صحافي کي رڳو ان لا گرفتار ڪرايو ويو آهي ته ھم نااھل عمران خان جي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف ڳالھايو ھو. ھن چيو ته حڪومت ڪيترن ماڻهن کي گرفتار ڪرائئندي، سائبر ڪرائيم جو بل ماڻهن کي ہراسان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪي بيگناهه شهرين جورت وهائين ٿا حڪومت انهن سان ٺاهه ڪري ٿي ۽ ھاڻ پورو پاڪستان هن نااهل حڪومت جي خلاف آهي، 27 فيبروري تي پيپلزپارٽي ڪراچي مان عوامي مارچ جو سفر شروع ڪري رھي آهي. شازيا مري ٻڌايو ته عوامي لانگ مارچ دوران چئئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاہور ۾جلسي کي خطاب ڪندو ۽ 7 مارچ تي راولپنڊي لياقت باغ ۾ پڻ خطاب ڪندو، 8 مارچ تي پيپلز پارتي جو لانگ مارچ اسلام آباد پهچندو. ھن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به تشدد واري سياست نه ڪئي آهي، اسان پي ٽي آئي جيان پي ٽي وي تي حملو نه ڪنداسين، ڪنهن به عمارت جون ڀتيون نه ٽپنداسين، 8 مارچ تي اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ جو پلان اڃا تائين پڌرو ناهي ڪيو، اهو اتي پهچڻ بعد ٻڌائينداسين . شازيا مري چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 3 صوبائي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن، هن تڪراري رٿا سان ملڪ جي اتحاد کي نقصان پهچندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم کي فارغ ڪرڻ لاءِ ٿي سگهي ٿو ته پيپلزپارٽي بي اعتمادي واري رٿ آڻي ۽ بي اعتمادي رٿ نااهل وزيراعظم کي هٽائڻ جو ھڪ جمهوري رستو آهي، ارڙهين ترميم خلاف ڪابه سازش ٿي ته صرف پيپلزپارٽي نه پر سموريون پارٽيون ۽ ملڪ جو عوام اٿي پوندو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي اڳواڻ وقار مھدي ۽ سعديا جاويد به ساڻس گڏ ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button