سنڌ

معاشري ۾ ظلم ۽ بربريت پنهنجي انتها تي آهي: بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته شاگردن مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ شاگرد يونينز جي بحالي جو پنهنجو حق حاصل ڪيو آهي، ڪنهن به ملڪ جي خلاف جنگ ۾ شاگرد نه رڳو صف اول ۾ بيهي سگهن ٿا پر اهي ملڪ جي قسمت به سنواري سگهن ٿا، قائداعظم ڪنهن جنگ بدران سياسي ۽ پرامن جدوجهد سان هي ملڪ حاصل ڪيو هو. پيپلزپارٽي به پرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکي ٿي. هن اها ڳالهه آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ پي ايس ايف جي هڪ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪئي. هن ميڙ کي سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پيپلزپارٽي جي ذيلي شاگرد تنظيم جي عهديدارن به خطاب ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمر ضيا پنهنجي جبر ۽ ڏاڍ واري دور ۾ شاگردن کان يونين سازي جو حق کسي ورتو هو پر اها وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جو شاگردن مسلسل مهم جي ذريعي پنهنجو هي حق واپس وٺي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن وقت معاشري ۾ ظلم بربريت پنهنجي انتها تي آهي ايئن ڇو ٿي رهيو آهي، مذهب جي نالي تي سياست ڇو ٿي ٿئي. هن چيو ته شاگرد تنظيمن تي پابندي لڳائي وئي ته نظرياتي سياست نه ڪري سگهن. هن چيو ته عوام جا جيڪي حق کسيا پيا وڃن اهي اسان کي حاصل ڪرڻا آهن. هن چيو ته جنهن نموني سان رياست هلائي پئي وڃي اهو افسوسناڪ طريقو آهي، اهڙِ طرح رياستن کي ناهي هلايو ويندو. غريب عوام کي روزگار جاموقعا ڏيڻ بدران سندن وات مان گرهه کسيو پيو وڃي. تعليمي ادارن ۾ حراساني جا واقعا ٿي رهيا آهن، شاگردن جون فيون وڌائڻ تي شاگردن سان صلاح مشورو نٿو ڪيو وڃي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته شاگرد پنهنجا فيصلاپاڻ ڪندا. بلاول ڀٽو چيو ته شاگرد يونين جي بحالي ته پهريون قدم آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي ته شاگرد پاڻ حڪومت هلائيندا. هن چيو ته ملڪ جون حالتون جيڪڏهن سڌارڻيون آهن ته پوءِ شاگردن کي اڳيان آڻڻو پوندو ته جيئن ملڪ ۽ قوم جي بهتري جا فيصلا پاڻ شاگرد ڪري سگهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي شاگردن لاءِ ڊگهي مدي پلان تيار ڪري رهي آهي، ايندڙ پنجن سالن لاءِ اسان جو چئلينج آهي ته هر ضلعي ۾ هڪ يونيورسٽي کوليون. هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ۽ معياري تعليم پهچايون، اسان هر ضلعي ۾ نوجوانن لاءِ مرڪز ٺاهينداسين ته جيئن تعليم جو معيار بلند ٿي سگهي ۽ پوءِ شاگردن کي ڊگريون هٿ ۾ کڻي در در جا ڌڪا نه جهلڻا پون. هن چيو ته شاگردن لاءِ وچ مدي پلان تي به ڪم ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button