سنڌ

شهيد بينظير يونيورسٽي انتظاميا کي ملازمن جو ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم

ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي جسم ۽ ڪپڙن مان هڪ ئي مرد جا ڊين اين اي ملڻ کانپو يونيورسٽي انتظاميا کي يونيورسٽي ملازمن سميت اچڻ وڃڻ وارن مردن جي ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. يونيورسٽي ترجمان موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ پاران شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا کي يونيورسٽي ملازمن سميت يونيورسٽي ۾ اچڻ وڃڻ وارن مردن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. جڏهن ته يونيورسٽي ملازمن سميت يونيورسٽي ۾ ايندڙ ويندڙ مردن جي هڪ لسٽ به گهري وئي آهي. ترجمان موجب ڪورٽ ۾ پيشي سبب لسٽ ترتيب نه ڪري سگهيا آهيون. اڄ لسٽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اماڻي ويندي. جڏهن ته يونيورسٽي ملازمن ۽ يونيورسٽي ۾ اچڻ وڃڻ وارن ٻين مردن جي به ڊي اين اي ٽيسٽ جلد ڪرائي ويندي. ياد رهي تي لمس پاران ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي جسم ۽ ڪپڙن مان هڪ ئي مرد جا ڊين اين اي ملڻ بعد پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي يونيورسٽي ملازمن سميت اچڻ وڃڻ وارن مردن جي ڊي اين اي ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button