سنڌ

قمبر ۾ نارڪو ٽيڪس، رينجرز ۽ روينيو عملي جو ڏوڏي خلاف آپريشن

قمبر ۾ اينٽي نارڪوٽيڪس، رينجرز ۽ روينيو عملدارن جابلو پٽي جي علائقي سيتا جي ڏاٺ، باجڪ جبل، ڪنڪر ڳوٺ ۽ راهوجا اٺيا ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل ڏوڏي جو فصل تباهه ڪري ڇڏيو. جنهن جي ماليت لکين روپيا ٻڌائي وڃي ٿي. هي آپريشن 15 فيبروري کان 18 فيبروري تائين جاري رهندو. جنهن ۾ ڊي ايس پي قمبر منظور احمد جوکيو، ڊي ايس وارهہ شرف الدين سومرو سميت ايس ايڇ او حمل، ايس ايڇ او غيبي ديرو، ايس ايڇ او ڊرگهہ، ايس ايڇ او دوست علي، ايس ايڇ او بهرام ۽ ايس ايڇ او کبڙ سميت اينٽي نارڪوٽس، رينجرز ۽ روينيو عملدارن حصو ورتو. ڏوڏي خلاف آپريشن جو مقصد ضلعي مان منشيات ختم ڪرڻ ۽ ضلعي جي عوام کي منشيات جهڙي ناسور مان نجات ڏيارڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button