باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد مرهيٽو جا رهواسي پي ۽ پٽ عورتاڻي آواز تي هرکجي گهوٽڪي جي ڪچي مان اغوا ٿي ويا. جڏهن ته باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد مرهيٽو جو رهواسي علي محمد ۽ سندس پٽ نثار احمد مرهيٽو عورتاڻي آواز تي هرکجي گهوٽڪي پهتا، جتي نامعلوم هٿياربند کين اغوا ڪري کڻي ويا. مغوي علي محمد مرهيٽو جي ڀائيٽو شيرمحمد مرهيٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال اڳ هتان ناراض ٿي چاچو ڪراچي هليو ويو هو، جيڪو سبزي منڊي ڪراچي جي علائقي ۾ رهائش پزير هو. هن جو چوڻ هو ته چاچو ۽ سئوٽ کي گهوٽڪي جي ڪچي مان اغوا ڪيو ويو آهي. اسان کي ڌاڙيلن فون ڪري اغوا ڪرڻ جو اطلاع ڏنو آهي. ٻئي مغوي ڪراچي مزدوري ڪرڻ لا ويا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close