باقراڻي ويجهو با پاس وٽ دادو ڪئنال جي نئين تعمير ٿيل پل-موهن جو دڙو روڊ تي وڏا کڏا پئجي ويا. جنهن ڪري حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو خطرو موجود آهي. دادو ڪئنال جي نئين تعمير ٿيل پل جي ٽٽل روڊ واري مامري جو روڊس کاتي لاڙڪاڻي سميت ڪنهن به عملدار احتجاجن جو نوٽيس ناهي ورتو. ان موقعي تي باقراڻي واسين ڪمشنر، ڊي سي لاڙڪاڻي سميت اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته دادو ڪئنال جي نئين تعمير ٿيل پل جي اکڙي ويل روڊ جي ٽٽل حصي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي هنگامي بنيادن تي پل جي روڊ جي تعمير ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close