سنڌ

ڊکڻ ويجهو زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 3 عورتون زخمي، مظاهرو

ڊکڻ ويجهو زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، 3 عورتون زخمي ٿي پيون، وارثن انڊس ها وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماهي خان شر ۾ زمين جي مالڪي تان شر برادري جي ٻن ڌرين تاجل شر ۽ شبير شر ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ شبير شر جي ڌر جون 3 عورتون حسنا خاتون، حسينا خاتون، شهزادي خاتون لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيون، جن کي ڊکڻ ٿاڻي تان ميڊيڪل ليٽر ڏئي شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد شبير شر جي ڌر جي عورتن ۽ مردن ظفر شر، عزيز احمد، اجينا خاتون، روزينا خاتون ۽ ٻين حيات واهه بس اسٽاپ وٽ شڪارپور رتوديرو نيشنل ها وي روڊ تي رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي ٻڌايو ته تاجل شر جي ڌر جي ماڻهن حملو ڪري اسان جي عورتن کي زخمي ڪيو آهي ۽ هنن الزام هڻندي چيو ته هنن اسان جا 7 ماڻهو پاڻ وٽ يرغمال به ڪيا آهن، ڊکڻ پوليس ڪو تدارڪ نٿي ڪري. واقعي جو ڊکڻ ٿاڻي تي شبير شر جي ڌر جي رستم شر جي فرياد تي تاجل شر جي 7 ڄڻن خلاف جهيڙي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته مظاهرين وٽ ايس ايڇ او ڊکڻ رفيق سومرو پهچي ڳالهيون ڪري مظاهرين کي انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياري روڊ کولائي ڇڏيو. تاجل شر جي پٽ عاشق شر سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته 100 جريب زمين جو کاتو به اسانجو آهي شبير شر جي ڌر ڪٿي به فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، قبضو اسان ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button