ٺل ۾ نين تڪبندين تان پ پ اڳواڻن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا. ٺل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڀاءُ ذوالفقار علي سرڪي چيو ته ٺل تعلقي ۾ نيون تڪبنديون عوام جي مفادن ۾ ناهن، جنهن ڪري اسان اعتراض وارڻ سان گڏ ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين. هن چيو ته تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ مير طاهر حسين کوسي جي چوڻ تي تڪبنديون ٺاهيون ويون آهن، جنهن تي اعتراض آهي ۽ اسان انهن تڪبندين کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته نين تڪبندين جي دانهن پارٽي قيادت کي ڏيندس ته ان ۾ اسانجي اتحادين کي نقصان ٿيو آهي، پارٽي انهي معاملي تي سنجيدگي سان سوچيندي. هن چيو ته اسان انهن تڪبندين سان به اليڪشن وڙهي کٽي ڏيکارينداسين. هنن چيو ته اسان ۽ اسانجي اتحادين کي ڀت سان لڳايو ويو آهي، هنن تڪبندين ۾ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. هن چيو ته سرڪي برادري جي ٽن يوسيز کي مڪمل ختم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 10-10 ڪلوميٽرن تي ديهون جوڙيون ويون آهن. هن چيو ته ميونسپل ڪاميٽي ٺل جا تڪ به غلط ٺاهيا ويا آهن جنهن سان عوام کي نقصان ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close