سنڌ

ڪڍڻ ويجهو ڳوٺاڻن جو منشيات فروشن خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪڍڻ ويجهو يوسي مٺي ٿري جي رهواسين منشيات فروشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. يوسي مٺي ٿري جي رھواسين ڪوٽار غلام عباس ملاح، علي اڪبر پنھور، محمد ھاشم ملاح، الھ بخش چانڊيو، علي اڪبر ملاح، غلام مصطفى ملاح، صدام حسين چانڊيو، علي محمد ملاح، محمد رمضان ملاح ۽ ٻين دانهيندي چيوآهي ته بيلدار آچار پنھور، يوسف پنھور، عبدالله پنھور خود منشيات فروش آھن جيڪي اسان خلاف منشيات جا ڪوڙا الزام ھڻي رھيا آھن، مذڪوره منشيات فروشن خلاف ڪيترائي منشيات جا ڪئيس داخل آھن. عباس ملاح چيو ته آئون سرڪاري ملازم آھيان، منهنجي مٺي ٿري تي ڊيوٽي آهي مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جان جو خطرو آهي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button