پاڪستانسنڌ

ڪلوئي جون 2 ديهون ٻين يوسيز ۾ شامل،پ پ اڳواڻن کي اعتراض

ڪلوئي: تعلقي ڪلوئي ۾ بلدياتي اليڪشن لاءِ ڪيل تڪبندين ۾ حيرت انگيز تبديليون ڪيون ويون آهن. ڪلوئي يوسي مان 2 ديھون ڪڍي ديهھ اٺ ڊھو کي يوسي کيتلاري ۽ ديهھ کاڙڪ کي يوسي سارھوڙ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. يوسي ڦانٽ ختم ڪري ديھه ڍوڍارو ۽ ديهھ ڦانٽ کي ڪلوئي يوسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ ڪلوئي شھر جي ٻن بلاڪن کي ٻھراڙي جي وارڊن ۾ شامل ڪري ٻھراڙي جي وارڊ مان بلاڪ شھر جي وارڊ ۾ شمار ڪيا ويا آهن. يوسي سارھوڙ جي لنڊ ووٽرن کي ٻين يوسيز ۾ ڇڙوڇڙ ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ پ پ جي سينيئر اڳواڻ محمد خان لنڊ، يوسي سارھوڙ جي اڳواڻي چيئرمين مولابخش لنڊ، اڳوڻي ضلعي ڪائونسلر موسى راھمون، فتح خان، سوڀو، جونيئر محمد خان لنڊ، الھجڙيو لنڊ ۽ ٻين چيو آهي ته ڪنھن به پارٽي ورڪر يا اڳوڻي ڪائونسلر کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي، ڏيپلو جي راھمان برادري به اسان سان رابطي ۾ آھي، بند ڪمري ۾ روينيو آفيسرن کي ويھاري من پسند عوام دشمن حدبنديون ڪيون ويون آهن، جن تي اعتراض داخل ڪرايو ويندو. ھنن وڌيڪ چيو ته ڪلوئي ۽ تعلقو ڏيپلو ھڪ ماڻھو حوالي ڪري پ پ کي نقصان رسايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button