سنڌ

فيصل واوڊا جي خالي سينيٽ سيٽ تي نثار کهڙي کي بيهارڻ جو فيصلو

پي ٽي آ جي فيصل واوڊا جي نااهلي بعد خالي پيل سيٽ تي پيپلز پارٽي قيادت پاران پ پ صوبائي صدر نثار احمد کهڙو کي سينيٽ جي خالي سيٽ تي بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پيپلزپارٽي ذريعن موجب نثار احمد کهڙو کي سينيٽ جي خالي سيٽ تي فارم ڀرائڻ جون هدايتون ملي ويون، جنهن بعد نثار احمد کهڙو صوبائي اليڪشن ڪميشن مان نامزدگي فارم وصول ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان ڪراچي روانو ٿي ويو. نثار احمد کهڙو لاڙڪاڻي سميت مختلف تڪن تي 7 ڀيرا ايم پي اي چونڊجي چڪو آهي، جڏهن ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سميت صوبائي وزير ۽ صوبائي صلاحڪار طور به پنهنجا فرض ادا ڪري چڪو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آئي جي فيصل واوڊا کي اليڪشن ڪميشن پاران سينيٽر شپ تان نااهل قرار ڏيڻ بعد سينيٽ جي سيٽ خالي پيل آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن 9 مارچ تي چونڊ جي تاريخ رکي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button