سنڌ

لاڙڪاڻي ۾گرلز اسڪول جو رستو بند ڪري جيل مان لنگهه ڏيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي سينٽرل جيل انتظاميا پاران گرلز اسڪول جو رستو بند ڪري سينٽرل جيل اندران ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين جو لنگهه ڪري ڇڏڻ خلاف اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين احتجاج ڪيو. جيل ڪالوني ۾ قائم گورنمنٽ گرلز ها اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين اسڪول اندر هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سينٽرل جيل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ماسترياڻين واجده پروين، صائمه شورو، زينت، اريبا، سهانا، سعديه، ڪوثر، نرما، ثانيه، ڪومل، ثوبيه سميت اسٽاف عرفان منگي، علي رضا شاهه، عباس سمون ۽ حاڪم علي قادري سميت ٻين ڳالهائيندي چيو آهي ته اسڪول وڏي عرصي کان جيل ڪالوني ۾ قائم آهي ۽ اسان جي اسڪول جو مرڪزي دروازو آريجا روڊ کان هو، جتان ليڊيز اسٽاف ۽ شاگردياڻيون اينديون وينديون هيون. هاڻي ڪجهه ڏينهن کان سينٽرل جيل جي چوڌاري ڀت جي مرمت جو ڪم هلڻ دوران جيل ڪالوني ۾ قائم گورنمنٽ گرلز ها اسڪول جي مک دروازي کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شاگردياڻين ۽ اسٽاف کي سينٽرل جيل اندران اچڻ وڃڻ جو چيو پيو وڃي. هنن چيو ته سينٽرل جيل اندران قيدين ۽ انهن جي ڏوهاري، مٽن مائٽن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي، جنهن سبب اتان ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين جو گذرڻ خطرناڪ ۽ ڏکيو عمل آهي، جيڪو غير مناسب پڻ آهي. جڏهن ته سينٽرل جيل تي مقرر پوليس وارا عورتن ۽ نياڻين کان بار بار پڇاڳاڇا به ڪندا رهن ٿا، جنهن ڪري ماسترياڻيون ۽ شاگردياڻيون مشڪل صورتحال کي منهن ڏيئي رهيون آهن. هنن چيو ته اسان شاگردياڻين سميت اسڪول اسٽاف جي صحيحن سان هڪ درخواست پڻ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي اماڻي آهي، جنهن جو انتظار آهي ته ڪو مناسب جواب اچي. هنن ضلعي انتظاميا، آ جي جيل ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گرلز اسڪول جي مک دروازي کي بند ڪري سينٽرل جيل اندران شاگردياڻين ۽ استادياڻين جي گذرگاهه جو نوٽيس وٺي اسڪول کي آريجا روڊ وارو مناسب رستو ڏياريو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button