سنڌ

”زال جا قاتل گرفتار ڪريو“لاڙڪاڻي ۾ شڪارپور واسي جو احتجاج

شڪارپور جي ڳوٺ ساجن پنهوار واسي نوجوان مبينا قتل ٿيل گهرواري جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان عبدالوحيد پنهوار دانهيندي چيو ته سال اڳ ناري افسانه پنهوار سان پرڻو ڪيو هو. هن الزام لڳايو ته گذريل جولا ۾ جوابدار نظير پنهوار، برڪت علي پنهوار، نسيم پنهوار، عطا محمد پنهوار، گل نواز پنهوار ۽ غلام علي ابڙو منهنجي گهرواري افسانه پنهوار کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش بنا ڪفن جي دفن ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي جو ڪيس رستم ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن مٿان داخل ڪرايو، جنهن ۾ پوليس ٻن جوابدارن غلام علي ابڙو ۽ گل نواز پنهوار کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو آهي، باقي جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، جيڪي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي گهرواري جي قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button