سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي واسي درزي جو مالي سهائتا لائي احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي واسي درزي مالي مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت اختيار علي ڪنڀر دانهيندي چيو ته پيٽ گذر لاءِ درزڪو ڪم ڪندو آهيان، جنهن جي ملندڙ اجرت مان گهر جو گذر سفر ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب ٻارن کي تعليم به ڏياري نٿو سگهان، جڏهن ته مونکي پنهنجو گهر ناهي. هن چيو ته مالي مدد لاءِ احتجاج ڪرڻ سان گڏ پ پ اڳواڻن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽي چڪو آهيان پر مون مسڪين جي ڪنهن مدد ناهي ڪئي، جنهن سبب گهرڀاتين سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته وٽيس وٺي مون مسڪين کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ سان گڏ مالي سهائتا ڪري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button