سنڌ

ڪنگري ۾ 11 جانيون ڳڙڪائيندڙ تڪرار جو جرڳو، 2 ڪروڙ ڏنڊ

ڪنگري جي ڪچي واري علائقي ۾ 5 سالن کان هلندڙ اوڍا – ناريجا خوني تڪرار جو نبيرو منظور خان پنهور جي سرپئنچي ۾ شڪارپور ضلعي جي وزيرآباد ۾ غوث بخش خان مهر جي رهائش گاهه تي ٿيو آهي. ان موقعي تي ناريجا ڌر پاران شھريار خان شر، محمد خان جوڻيجو، اظھر خان ڪماريو مشير طور شريڪ ٿيا. ٻي طرف اوڍا ڌر پاران معظم خان عباسي ۽ محمد زمان عمراڻي مشير طور شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد اوڍا ڌر تي 3 ماڻھن جي قتل ۽ 3 ماڻھو زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، جنھن جو مٿن 93 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. ٻي طرف ناريجا ڌر تي 8 ماڻھو قتل ۽ 3 ماڻھو زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، جنھن جو هڪ ڪروڙ 29 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. اهڙي طرح ٻنھي ڌرين تي مجموعي طور 2 ڪروڙ 22 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن ته ٻئي ڌريون ٿيل نقصان بابت ساک ڏينديون. اهڙي طرح ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ياد رهي ته 5 سال اڳ ڏوهاري بلاول عرف بلو ناريجو پريالو ڀرسان پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button