سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ باڊهه واسي هاري جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باڊهه جي ڳوٺ گابر مسڻ واسي ڳوٺاڻي معصوم پٽ سان گڏجي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي اعجاز علي مسڻ دانهيندي چيو ته مان غريب هاري آهيان، ڳوٺ ۾ زمين تي مختلف فصل پوکي گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن چيو ته 9 ڏينهن اڳ ڳوٺ جي بااثر حاجي فتع جوڻيجو جي زمين تان پاڻي واري مشين نامعلوم چور کڻي ويا، جنهن بعد فتع جوڻيجو کوجي کتا گهرائي منهنجي گهر تي پيرو هڻائي باڊهه ٿاڻي تي اين سي مون مٿان داخل ڪرائي آهي. هن چيو ته هفتو اڳ امداد ساريو اهڙي مسئلي جو جرڳو ڪندي مون مٿان 90 هزار ڏنڊ لڳايو، ڏنڊ جي رقم غربت سبب ادا نه ٿو ڪري سگهان، مان بيگناھه آهيان پر تنهن باوجود 6 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ قرآن پاڪ کڻي گهمايو آهي ته خدارا ڪنهن کي چوري بابت ڄاڻ آهي ته هو منهنجي مدد ڪري. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر حاجي فتع جوڻيجو جي چوري واپس ڪرائي بااثر مان منهنجي جان ڇڏائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button