سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ کدڙي فقير جو پنهنجي ساٿي فقير خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ کدڙي فقير پنهنجي ساٿي فقير جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. لاڙڪاڻي جي پراڻي بس اسٽينڊ واري علائقي جي رهواسي کدڙي فقير پنهنجي ساٿي کدڙي فقير جي مبينا زيادتين خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي کدڙي فقير مرڪ عرف طارق صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مان بند روڊ واري علائقي ۾ قائم مڙهي جي بااثر کدڙي فقير رشنا 15 هزار ڀتو طلب ڪيو، جيڪو ڏيڻ کان انڪار تي هن مونکي وار ڪٽي تذليل ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن بعد سول لائين ٿاڻي تي تحفظ لا ويس پر پوليس ڪو تدارڪ نه ڪيو. هن چيو ته رشنا فقير کي پوليس جي سپورٽ آهي، جيڪو ٻين کدڙا فقيرن کان ماهوار 5 کان 15 هزار ڀتو وٺندو آهي، ڀتو نه ڏيڻ تي هو کدڙن کي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائيندو آهي. اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر رشنا خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button