سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو پوليس جي مقابلي ۾ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعوى

لاڙڪاڻي ويجهو ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس حد جي ڳوٺ ڀنڀو شيخ وٽ بچاءُ بند تي ڏوهارين جي ٽولي سان مبينا مقابلو ڪيو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس گهربل ڏوهاري عابد عرف عابو ناريجو کي گرفتار ڪري سندس وٽان جي ٿري رائيفل هٿ ڪري ورتي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ ٻڌايو ته گرفتار ڏوهاري خيرپور ميرس ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي خونريزي، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن جي سنگين نوعيت جي 15 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل آهي، جنهن جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته گرفتار ڏوهاري مٿان اهڙي نوعيت جو ڪيس داخل ڪري کانئس وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button