سنڌ

قمبر ۾ انتظامي نااهلي سبب ڪرڪيٽ گرائونڊ گند جو ڍير بڻجي ويو

قمبر جو ڪرڪيٽ گرائونڊ حڪومت جي چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب گند ڪچري جو ڏيک ڏيڻ لڳو. شهر جو پلي گرائونڊ ۽ واڪنگ ٽريڪ ٺهڻ لاءِ مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪئي وئي. پلي گرائونڊ ساڳيو اجڙيل رهجي ويو، اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر انوار الحق گرائونڊ تان ناجائز قبضا ختم ڪرائي چوديواري ڏياري، جنهن جي بدلي ٿيڻ بعد ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو. شهر ۾ ڪو خاص واڪنگ ٽريڪ نه هئڻ ڪري شهري صبح جو واڪ ڪرڻ دوران رولو ڪتن جي ڊپ سبب پريشان رهن ٿا، شهرين الطاف حسين منگي، منظور گوپانگ عبدالمجيد، مسعود احمد، غلام حسين شيخ ۽ ٻين چيو ته قمبر ۾ واڪ ڪرڻ جي سهولت ناهي ۽ نه ئي راندين لاءِ ڪو گرائونڊ آهي، جڏهن ته رانديون صحتمند معاشري لاءِ ضروري آهن. هنن اختيارين توڙي چونڊيل نمائندن ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ کان گهُر ڪئي ته شهر جي اجڙيل پلي گرائونڊ تي نظرثاني ڪري شهرين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button