سنڌ ڪابينا صوبائي فنانس ڪميشن پي ايف سي جوڙي ڇڏڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ميئر کان علاوه ٽائون ۽ يونين ڪائونسلز جا نمائندا ڪميشن جو حصو هوندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ لاڳاپيل عملدارن شريڪ ٿيا. ڪابينا پنهنجي اجلاس ۾ميئر کي ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي ڪي ڊي اي، ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ايم ڊي اي ۽ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي ايل ڊي اي جي گورننگ باڊي جو ميمبر بنائڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي. اجلاس جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اهڙِ طرح لاڳاپيل ميئر/چيئرمين ايڇ اي ڊي، سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽِ ۽ لارڪاڻو ڊيولپمينٽ اٿارٽيز جي گورننگ باڊيز جا ميمبر ٿي ويندا، ان سان گڏ ئي صوبائي ڪابينه ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ميئر کي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو چيئرمين بنائڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا صوبي جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرز کي ٽائون ڪميٽي بنائڻ جي هدايت جاري ڪئي، اجلاس دوران سنڌ ڪابينا صوبي جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽِي ۽ يونيورسٽي جي ڪئمپس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان کانسواءِ ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، صوبائي حڪومت گذريل مهيني ڪراچي يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج (ڪي ايم ڊي سي) کي يونيورسٽي بنائڻ جو عباسي شهيد اسپتال کي ٽيچنگ اسپتال بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو. صوبائي ڪابينا جي فيصلن تي تبصرو ڪندي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽِي بل منظور ڪري ورتو آهي، جنهن موجب سنڌ حڪومت ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي سرڪاري يونيورسٽي جو درجو ڏئي رهي آهي، ان سان گڏ ئي هن پنهنجي سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته هي ڪي ايم ڊي سي ڪيس شاگردن جو اهو وڏو مطالبو هو جيڪو ايترن سالن ۾ ايم ڪيو ايم پورو نه ڪري سگهي. سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻي ۾ غريب ۽ مڪان هائوسنگ ڪالوني جي رهواسين کي مفت مالڪاڻا حق ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت ڪچي آباديز جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏيڻ گهري ٿي. هن چيو ته اهي مالڪاڻا حق ڪراچي جي ڪچي آباديز جي رهواسين کي به ڏنا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close