سنڌ

پيمرا جو غير فعال ڪيبل آپريٽرز جا لائسنس رد ڪرڻ جو فيصلو

چيئرمين پيمرا محمد سليم بيگ پيمرا ريجنل آفيس سکر جو دورو ڪيو، جتي ريجنل ڊائريڪٽر شيراز اصغر شيخ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد مزمل شاهه چيئرمين پيمرا کي سکر ريجن جي آپريشنل معاملن تي بريفنگ ڏني. چيئرمين پيمرا غير اخلاقي مواد، غيرقانوني چئنلن خاص طور انڊين چئنلن جي ڪيبل ٽي وي تي نشريات خلاف جاري ڪاررواين کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. چيئرمين پيمرا آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته هو سمورن اهڙن ڪيبل آپريٽرز جيڪي غيرفعال آهن انهن کي فائنل نوٽيس جاري ڪن ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي نيٽ ورڪ کي فعال نٿا ڪن ته انهن جو لائسنس رد ڪيو وڃي، ان لاءِ ڪيبل آپريٽرز کي هدايت ڪئي وڃي ته ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي جي صورت ۾ پيمرا طرفان سخت قدم کنيا ويندا ۽ ڀڇڪڙي جي صورت ۾ اداري طرفان جاري ڪيل لائسنس رد ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل آپريشنز ڊسٽريبيوشن جاويد اقبال، ڊائريڪٽر جنرل آپريشنز براڊڪاسٽ ميڊيا ۽ تعلقات عامه محمد طاهر به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button