سنڌ

دوداپور ۾ ڳوٺاڻن جو گرلز اسڪول نه هجڻ خلاف احتجاج

دوداپور ويجهو يوسي علڻپور جي ڳوٺ بشام خان ڪٽوهر ۾ گرلز اسڪول نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمدعلي ڪٽوھر، ڪريم بخش ڪٽوھر، حبيب الله ڪٽوھر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ جون سوين معصوم نياڻيون تعليم جھڙي زيور کان محروم آهن. هنن چيو ته پنج ڪلوميٽرن تائين ڪٿي گرلس اسڪول ناهي اسڪول جي بلڊنگ لا پلاٽ به مفت ۾ ڏيون ٿا، تنهن باوجود بلڊنگ نٿي ڏني وڃي، تعليم اسان جو بنيادي حق آهي، گرلس پرائمري اسڪول لا ڪيتري عرصي کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر هن وقت تائين ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو. هنن وزيراعلى سنڌ، وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول منظور ڪري بلڊنگ ڏني وڃي ته جيئن ڳوٺ جون معصوم نياڻيون تعليم پرائي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button