سنڌ

ڪشمور ويجهو پنجاب جي حد مان هٿياربند ٻن پورهيتن کي کنڀي ويا

ڪشمور ويجهو پنجاب ٿاڻي جي حد مان هٿياربند 2 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا. ڪشمور ويجھو پنجاب ٿاڻي جي حد ڳوٺ کروڙ مان اڳوڻي ٽائون چيئرمين اسرار احمد کوسو جي زرعي فارم تان ڪشمور واسي ٽرانسفارمر جا مستري چوڌري خالد آرائين ۽ ظهور احمد شيخ کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪشمور منظور لغاري چيو ته ٻئي مغوي پنجاب ٿاڻي جي حد ماڇڪو مان اغوا ٿيا آهن. هٿياربندن مغوين جي بازيابي لاءِ 25 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي. مغوي خالد آرائين جي وارثن چوڌري امجد ٻڌايو ته اسان غريب آهيون، اسان وٽ ايتري سگهه ناهي جو هٿياربندن کي پئسا ڏيئي سگهون. هن ايس ايس پي رحيم يار خان کان مطالبو ڪيو ته هٿياربندن خلاف سخت ڪارروائي ڪري مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button