سنڌ

قمبر ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ، مظاهرو

قمبر ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن اصغر علي چنا، علي نواز مغيري، محمد رفيق منگي، انعام ڀٽو، علي بخش، پنهل ميڻو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته وڏي عرصي کان احتجاج ڪريون پيا پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن احتجاج تيرهين ڏينهن به جاري رکندي ٻه ڪلاڪ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو. هنن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ سڄي سنڌ جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف گڏ ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ٻئي طرف دادو سول اسپتال جي ملازمن اسپتال ۾ 2 ڪلاڪ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي راجا رفيق پنهور، آچر پنهور، امتياز چانڊيو، نثار لاشاري، ظهير کهرو، عبدالمجيد جهتيال، اختر سمون ۽ بلاول سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button