سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪٻاڙي جو بااثر مائٽن جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ جي رهواسين بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڪٻاڙي دڪاندار حبدار سومري پنهنجي ڀائرن ۽ پاڙيسرين سان گڏجي دانهيو ته منهنجو ڀاءُ منظور حسين سومرو چانڊڪا اسپتال ۾ مالهي هو، جيڪو اڍائي مهينا اڳ رٽائرڊ ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو. هن الزام لڳايو ته ڀاءُ جي فوت ٿيڻ جو سندس گهرواري ثمينه ان جي ڀائرن حاڪم ۽ منير وارن اسان کي اطلاع نه ڏنو ۽ لاش دفنائي بعد ۾ ٻڌايو ويو، انهي ڪري خدشو آهي ته ڀاڄائي پنهنجي ڀائرن سان گڏجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي ڀاءُ جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جن خلاف پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس ڪارروائي لاءِ تيار ناهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ واري واقعي جي جاچ ڪري ڀاڄائي ۽ ان جي ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button