سنڌ

ڪرونڊي ڀرسان 2 ڪارن ۽ ويگن ۾ ٽڪر،2 ڄڻا فوت

ڪرونڊي ڀرسان مهراڻ ها وي تي مدني موڙ وٽ ٻن ڪارن ۽ ويگن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار محمد عرس ڪلهوڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ساڳي ڪار ۾ سوار عابد حسين سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڪرونڊي جي خانگي اسپتال آندو ويو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد نازڪ حالت ۾ گمبٽ اسپتال نيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اڪري پوليس موجب ٻنهي فوتين جا لاش فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر پڪاچانگ منتقل ڪرايا ويا آهن ۽ فوتين جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آهي. وارثن جي پهچڻ تي ضروري ڪاررواين بعد لاش سندن حوالي ڪيا ويندا. پوليس موجب فوتي محمد عرس ڪلهوڙو جو تعلق قمبر شهدادڪوٽ جڏهن ته عابد حسين پنجاب جي علائقي اوڪاڙا جو آهي. ٻي طرف آخري اطلاعن تائين حادثي بابت ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button