سنڌ

گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪار هٿياربندن هٿان اغوا،وارثن جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو

گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جو سپاهي وسيم ميمڻ ڪلمه چوڪ لڳ پنهنجي گهران وردي پائي سرڪاري هٿيار کڻي سي پيڪ جي پڪٽ 96 تي ويو ته رستي مان اغوا ٿي ويو. وارثن جي اهڙي اطلاع بعد ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر مغل مختلف ٿاڻن جي پوليس ۽ بڪتربند گاڏي سان ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪئي پر مغوي اهلڪار بازياب نه ٿيو. پوليس پيرو وڃائي واپس موٽي آئي. ان کان اڳ مغوي جي وارثن محمد شعبان، حافظ صديق، حاجي امير بخش، الهورايو ميمڻ، عادل نواز، غلام رسول ميمڻ ۽ ٻين اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان مظاهرو ڪري 3 ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي هنن چيو ته وسيم ميمڻ کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، پوليس کيس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، جنهن ڪري اهلڪار جا گهر ڀاتي سخت پريشان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button