سنڌ

گڊو پاور هائوس ملازمن وڌايل الائونس نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو

پيغام يونين گڊو ريجن پاران جينڪو ملازمن کي وڌايل 25 سيڪڙو ڊسپيريٽي الائونس ۽ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس نه ملڻ ۽ جينڪو جي ملازمن کي سرپلس ڪرڻ واري پاليسين خلاف گڊو ٿرمل پاور جي سوين ملازمن عبدالرزاق بهلڪاڻي، محمد حنيف کوسو، قمرالدين مزاري، دين محمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڊو پاور هائوس جي مين گيٽ تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ريجنل چيئرمين عبدالرزاق بهلڪاڻي، محمد حنيف کوسو، قمرالدين مزاري ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ظلم جي انتها اها آھي جو موجوده سرڪار ملڪ اندر سستي بجلي پيدا ڪندڙ بجلي گهرن کي هٿ وٺي بند ڪري پرائيوٽ سيڪٽر مان مهانگي بجلي خريد ڪري رهي آھي، جيڪو عمل ڪنهن صورت ۾ ملڪ جي فائدي ۾ ناهي. هنن چيو ته پاور هائوس اندر اڳ ئي ملازمن جي کوٽ آھي ته سرڪار وري ٽيڪنيڪل ۽ تجربيڪار ملازمن کي سرپلس ڪري ٻين جاين تي موڪلي رهي آھي، جنهن عمل سان پاور هائوس سيڪٽر کي وڏو نقصان ٿيندو. هنن چيو ته وفاقي سرڪار گذريل سال ڊسپيريٽي الائونس جي نالي تي تمام وفاقي ادارن جي ملازمن جي پگهار ۾ واڌ ۽ 10 سيڪڙو سالانه ايڊهاڪ رليف الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وفاق جي تمام ملازمن کي اهي ٻئي لائونس ملي رهيا آھن پر جينڪوز جا ملازم ان الائونسن کان محروم آھن، جنهن عمل سان جنريشن سائيڊ تي ڪم ڪندڙ ملازمن ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي. هنن چتاءُ ڏيندي گهر ڪئي ته جينڪوز ملازمن جا جائز مسئلا فوري حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي اسلام آباد جو رخ ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button