سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پي پي ايڇ آ ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن کي آرڊر ڏنا ويا

لاڙڪاڻي ۾ پي پي ايڇ آءِ آفيس ۾ تقريب دوران ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو پي پي ايڇ آءِ ۾ نون ڀرتي ڪيل ميل، فيميل ميڊيڪل آفيسرن، اٽينڊنٽ، ٽيڪنيشن، ڊرائيور، آيا ۽ ٻين ملازمن ۾ پوسٽنگ آرڊر ورهايا. ان موقعي تي ڊي سي طارق منطور چيو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن کان صحت جون بهتر سهولتون آهن. ان لاءِ پي پي ايڇ آءِ کي بنيادي صحت مرڪزن کانپوءِ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر جي ذميواري به ڏني وئي آهي. هن چيو ته پي پي ايڇ آءِ پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان صحت شعبي کي بهتر بڻائڻو آهي. پي پي ايڇ آءِ کي مشينري ۽ دوائون مهيا ڪيون ويون آهن، ميرٽ تي نوجوانن کي روزگار ڏنو ويو آهي. هاڻي عام ماڻهن جي اها دانهن ختم ٿيڻ گھرجي ته کين وقت تي علاج نٿو ملي. ان موقعي تي پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽر احمد شاهه بريفنگ ڏني، جڏهن ته ريجنل ڊائريڪٽر عمر بشير باجوا، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اڪبر، ڊاڪٽر رستم ڀٽو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button