سنڌ

لاڙڪاڻي ۾نوجوان جي مبينا قتل جو جرڳو،الزام هيٺ آيل بيڏوهي قرار

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ سيد امير شاهھ ۾ مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان سليم مغيري جي قتل وارو ڪيس ماڊل ڪورٽ بعد راڄوڻي جرڳي ۾ به سندس مامي وزير علي مغيري مٿان ثابت نه ٿي سگهيو. ان ڏس ۾ مير همايون خان مغيري جي سرپئنچي ۾ مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان سليم مغيري جي وارثن ۽ قتل الزام هيٺ آيل سندس مامي وزير علي مغيري وچ ۾ جرڳو ٿيو، جنهن دوران برادري جي نوجوان اکين ڏٺي شاهد فدا مغيري گواهي ڏني ته جڏهن واقعو پيش آيو ته سليم مغيري ڪمري ۾ اڪيلو هو ۽ هو کٽ تان هيٺ ڪري پيو، جنهن کي اسان پاڻ کڻي اسپتال پهچايو. واقعي وقت ڪنهن کي ڪمري ۾ اندر يا ٻاهر نڪرندي نه ڏٺو. اهڙي شاهدي بعد فيصلي جي امين مير همايون خان مغيري واقعي کي خودڪشي قرار ڏيندي قتل الزام هيٺ آيل سندس مامي وزير مغيري کي الزام مان آجو قرار ڏنو ۽ ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button