سنڌ

نوشهروفيروز ڀرسان گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪول ٽن سالن کان بند پيل،عمارتون زبون

نوشهروفيروز ڀرسان تعلقي ڀريا جي يوسي دليپوٽا جي ڳوٺ محمد مراد سولنگي جو گورنمينٽ گرلس پرائمري ۽ بوائز پرائمري اسڪول ٽن سالن کان بند پيل آھن. جڏهن ته اسڪولن جون عمارتون زبون حاليءَ جو شڪار ٿي ويون آھن. گرلس اسڪول جي هڪ ديوار مڪمل طور ڊھي پٽ پئجي وئي آهي. ڄاڻايل ٻنهي اسڪولن ۾ ڳوٺ جا 200 کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائيندا هئا، جيڪي اسڪول بند ٿيڻ ڪري تعليم پرائڻ کان محروم ٿي ويا آھن ۽ جيڪي ٻار پڙھڻ جو شوق رکن ٿا، انھن ٻارڙن کي ٽي ڪلو ميٽر پري ٻين ڳوٺن جي اسڪولن ڏانهن پنڌ وڃڻو پوي ٿو. جڏھن ته ڳوٺ جون نياڻيون تعليم کان مڪمل طور تي محروم ٿي ويون آھن. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته گرلس ۽ پرائمري اسڪولن جا استاد مسلسل غير حاضر رھيا، جنھن ڪري اسڪول بند ٿي ويا. ھنن چيو ته اسڪول بند ٿيڻ ڪري ڳوٺ جا ٻار تعليم جھڙي سھولت کان محروم آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جا گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪول کولرايا وڃن، جيئن ڳوٺ جا ٻار تعليم حاصل ڪري سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button