سنڌ

سکر ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿيابندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. خبر موجب سکر شھر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سٽي پوائنٽ باءِ پاس تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند فائرنگ ڪري ڏنگڙو جي رھواسي جلال الدين پٽ چڀڙ خان شر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پھچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال سکر منتقل ڪيو. جتي مقتول جا وارث پهچي ويا ۽ چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي، ھٿياربندن وڏو ظلم ڪيو آھي, ھنن اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button