سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ يوسي 12 جي گهٽين کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن ۽ ضلعي انتظاميا شهر جي يوسي 12 جي مين غلام ڀٽو روڊ واري علائقي ۾ هلندڙ پيور بلاڪ جي تعميراتي ڪم ۾ ڪجهه گهٽين کي مبينا طور تي پ پ مخالف ڌر جون گهٽيون قرار ڏيندي نظرانداز ڪري ڇڏيو. اهڙي عمل خلاف علائقي واسين احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شهرين وحيد سنڌي، منٺار مغيري، رسول بخش ڀٽو، دلبر شاهد ابڙو ۽ ٻين چيو ته غلام ڀٽو مين روڊ واري علائقي جي پيور بلاڪ جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، پر ڪجھه گهٽين کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن جو اهو چوڻ آهي ته هي پ پ مخالفن جون گهٽيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته غلام ڀٽو واري علائقي جي رهيل گهٽين ۾ پيور بلاڪ جو تعميراتي ڪم شروع ڪرائڻ سان گڏ صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر ڪري علائقي واسين سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button