سنڌ

باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لائي ايس ٽي پي جو احتجاجي مظاهرو

باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لا ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ زيب ساريو، قادر بروهي، اصغر نوناري، عالم بروهي، دودو ديشي، ذوالفقار ڪانڌڙو، صابر جروار، صفر مغيري، قاسم چنا، ڪوڙل ملاح، جمن مغيري، فقير جلال ساريو ۽ ٻين غازي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيدر چوڪ تي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته باڊهه تاريخي ۽ قديمي شھر آھي جيڪو آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان تعلقي جو حقدار آھي پر هٿ وٺي ان کي تباهه ڪيو ويو آھي، شهري بنيادي سهولتن کان محروم آهن، هنن چيو ته ايندڙ اليڪشن کان اڳ باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته پ پ اسان مان ووٽ جي ڪا اميد نه رکي ۽ ايندڙ هر اليڪشن ۾ باڊهه واسي پ پ مخالف ووٽ استعمال ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button