سنڌ

وارهه تعلقي اسپتال ۾ صحت سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج

وارهه تعلقي اسپتال ۾ دل جو شعبو بحال نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سوشل فورم اڳواڻ فرحان ڪاڪيپوٽو، جيڪالداس جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب اڳيان پنجين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. هنن دانهيندي چيو ته تعلقي سول اسپتال جا سمورا شعبا بند پيل آھن، جنهن ۾ ويم گهر، دل جو شعبو، ڪنن، اک، ڇاتي، ڳلو، الٽرا سائونڊ، ڏندن جو مشعبو, ۽ ٻيا بند پيل آھن. تعلقي جي وڏي ۾ وڏي ۽ واحد صحت مرڪز ۾ بهتر سهولتون ميسر ناھن. هنن سنڌ حڪومت، صحت کاتي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تعلقا سول اسپتال ۾ دل جي شعبي سميت بند پيل سمورا شعبا بحال ڪري ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button